صحرا صحرا نيڻ

صحرا صحرا نيڻ

صحرا صحرا نيڻ

صحرا صحرا نيڻ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب، محقق ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي ٿر جي سفرنامي تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ دليپ ڪوٺاريءَ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾، ٿر جي ٻولي، مٽي، پئنچائتي سرشتي، برسات، تل تراين، پکين، ٿري ماڻهن جي گذرسفر، سگهڙائي ۽ لوڪ ادب، ميلن، مکيه شهرن ۽ ڳوٺن، جين ڌرم جي مندرن، ملير، ڪارونجهر ۽ ٻين موضوعن تي ڪل 33 مضمون شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 88 صفحن تي، پڪي جلد سان هي ڪتاب العابده ڪميٽي ۽ ڊاڪٽر سڌايو اڪيڊمي جيڪب آباد، 2017ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو